مونٽريال- 07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي س??ڪر??ٽري ج??رل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي ته ڪاروباري منافعي لاءِ ماحوليات سان کيڏڻ تباهه ڪُن آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق مونٽريال ۾ حياتياتي موضوع تي مذاڪري کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي س??ڪر??ٽري ج??رل چيو ته اسان جي بي قابو ۽ غير مساوي معاشي ترقيءَ جي بُک انسانيت کي ڌُٻڻ جي دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. هن انهن وڏن ڪاروبار ادارن کي تنقيد جو نشانو بنايو جيڪي پنهنجي منافعي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، جن سان ڪائنات جو ??وازن بگڙي رهيو آهي. هن وقت جانورن جا 10 لک قسم ختم ٿيڻ جي خطري ۾ ورتل آهن، هڪ ڀاڱي ٽي حصو زمين جو معيار خراب ٿيو آهي ۽ تيزيءَ سان زرخيزي وڃائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان نيچر کي هڪ ٽوائليٽ طور استعمال ڪري رهيا آهيون. ڪيميڪلز، پلاسٽڪ ۽ فضائي گدلاڻ انسانيت کي شديد خطرن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 7 کان 19 ڊسمبر تائين ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ 200 جي لڳ ڀڳ ملڪن جا نمائندا گڏ ٿيا آهن ۽ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ادا ڪري رهيا آهن. پرتگال جي اڳوڻي وز??را??ظم انتونيو گوتريش 2017ع ۾ گڏيل قومن جو ??هدو سنڀالڻ کان وٺي هن وقت تائين موسمياتي تبديليءَ جي ماحول جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندو رهيو آهي.