اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 11 ججن جي مق??ري ۽ مستقلي ??ي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر لاهور هاءِ ڪورٽ ??ي 11 ايڊيشنل ججز جي بطور ججز مق??ري ۽ مستقلي ??ي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر جسٽس شڪيل احمد، صفدر سليم شاهد ۽ احمد نديم ارشد، جسٽس محمد طارق نديم، محمد امجد رفق ۽ عابد حسين چٺا، جسٽس انوار حسين ۽ علي ضياءَ جي پڻ لاهور هاءِ ڪورٽ، جسٽس سلطان تنوير احمد، محمد رضا قريشي ۽ راحيل ڪامران ??ي مستقلي ۽ مق??ري ??ي منظوري ڏني. صدر مق??ري ۽ مستقلي ??ي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني آهي. اهي منظوريون جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ ڏنيون ويون. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت انهن ججز جي مق??ري ۽ مستقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.