اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻ ۽ بر??ان??ا جي ايندڙ وزيراعظم طور نامزدگي تي رشي سوناڪ کي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۽ بر??ان??ا جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خ??اه??مند آهي.