استنبول – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پا??ستاني فلمن جي نمائش جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پا??ستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ايراني فلمساز پا??ستان پاران فلم انڊسٽري جي لاءِ ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اها ڳالهه هن او آءِ سي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي 12 هين اجلاس جي موقعي تي ثقافت واري ايراني وزير محمد مهدي اسماعيل سان ملاقات دوران ڪندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پا??ستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته ايراني فلم فيسٽيول ۾ پا??ستاني فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته پا??ستان حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامن جي گڏيل منصوبن ۾ سهولت ڏني پئي وڃي. ايران جا فلمساز به پا??ستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پا??ستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پا??ستاني قوم سان يڪجهتي ۽ حمايت تي ايران جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايراني ثقافت واري وزير پا??ستان سان اطلاعات ۽ فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير کي ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.