نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ناروي جي امداد کي ساراهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي نارويجن هم منصب اينيڪن هيوئ?? فيلڊ سان ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (اي ايف ٽي اي) جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌ??ڪ مضبوط ۽ جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ناروي جي ناليواري ڪمپنين جي موجودگي جو ذڪر ڪندي ??رڏ??هي وزير اميد ظاهر ڪئي ??ه حڪومت جي پرڪشش سيڙپڪاري پاليسي مان وڌ??ڪ ڪمپنيون فائدو کڻنديون. ??رڏ??هي وزير پاڪستانين جي لاءِ قانوني اچ وڃ جا موقعا وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي ??رڏ??هي وزيرن ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت تعاون کي ساراهيو. افغانستان بابت بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت کي ورجايو ۽ افغان عوام کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان عبوري عملدارن سان عالمي برادري جي مسلسل شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. ناروي افغانستان مان نڪرڻ واري عمل ۾ پاڪستان پاران سهولت فراهم ڪ??ڻ کي ساراهيو. ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ناروي جي ??رڏ??هي وزير کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو ۽ ناروي پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ گهڻ رخي جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ??رڏ??هي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.