اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ آئنده عام چونڊون 15 مهينن ۾ ٿينديون، عام چونڊن کان اڳ مهانگائي ۽ غربت ۾ گهٽتائي ??اء?? ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻ ۽ ان دوران مهانگائي ۽ غربت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ سندس هدف آهي، حڪومت کي عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙ قيمتن تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. انقره جي پنهنجي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران ترڪي جي سرڪاري ٽيلي ويزن ”ٽي آر ٽي“ کي انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجو ويزن پاڪستان جي نئين سر تعمير، غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ڪفايت شعاري کي يقيني بڻائڻ ??اء?? سرڪاري شعبي جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ??اء?? پنهنجي پوري ڪوشش ڪرڻ آهي، وزيراعظم شهباز شريف اها ڳالهه زور ڏئي چئي آهي ته سندس حڪومت چونڊن کان اڳ عوام کي درپيش مسئلن جي حل ??اء?? ڊگهي مدي وارا قدم کڻندي. هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ عام چونڊن ۾ سندس پارٽي عوام جي مرضي موجب اقتدار ۾ اچي ٿي ته بيروزگاري ۽ غربت جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ ??اء?? هڪ مڪمل ??رق??اتي ايجنڊا شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي تيل جون آسمان کي ڇهندڙ قيمتن حڪومت کي تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. وزيراعظم پاڪستان جي سيا??ي صورتحال جي باري ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عدم اعتماد جو ووٽ ڪامياب ٿيو آهي، اهو اقتدار جي هڪ آئيني ۽ قانوني منتقلي آهي جيڪا آئين ۾ فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اهو هڪ ”ڪوانٽم جمپ“ بدران هڪ وڏو قدم آهي، وزيراعظم زور ڏئي چيو ته پاڪستان ۾ هي هڪ قابل قبول معمول هوندو ته جيڪڏهن پارليامينٽرين جي اڪثريت محسوس ڪري ٿي ته هڪ خاص حڪومت هجي، ته کيس ملڪ جي قانون تحت آزاداڻي طور تي ووٽ ڏيڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. هن چيو ته ان کان اڳ ماضي ۾ اهڙي طرح جي حالتن ۾ مارشل لا ۽ فوجي مداخلت جو مشاهدو ٿيو آهي پر هاڻي ان پوري صورتحال کي تبديل ڪيو آهي ۽ ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي بي پناهه افهام و تفهيم سان علائقائي تعاون جي روڊ ميپ تي گامزن آهن ۽ ٻ??هي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ يڪجهتي ڏٺي ويندي آهي، وزيراعظم ترڪي جي دوري کي غير معمولي قرار ڏيندي چيو ته ٻ??هي ملڪن جي عوام تاريخي رشتي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي، ان حوالي سان هن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ جي زماني جو ذڪر ڪيو جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن ترڪ تحريڪ جي حمايت ڪئي هئي، هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن جو رشتو ايندڙ نسلن ??اء?? هڪ مستقل ڀائيچارو بڻجي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاڪ ترڪ دفاعي لاڳاپن جي باري ۾ چيو ته پاڪستان ترڪي سان فوجي منصوبن ۾ گڏيل تعاون جو خواهشمند آهي ۽ اهو ملجم جنگي بحري جهاز جي تازي لانچنگ ا??هي ويزن موجب آهي. ترڪي سان 5 ارب ڊ??لر جي واپار جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي باري ۾ هن چيو ته ان جو مقصد ٻ??هي ملڪن جي فائدي ??اء?? مختلف شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي دائري ڪار کي وڌائڻ آهي، وزيراعظم شام ۾ ”پي ڪي ڪي ۽ وائي پي جي“ جي دهشتگردن جي خلاف ترڪي جي دهشتگردي جي روڪٿام جي قدمن تي چيو ته جيئن ته پاڪستان دهشتگردي جو وڏو شڪار رهيو آهي، ان ??اء?? ان لعنت کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن تي ترڪ قيادت جي حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ۾ شموليت ??اء?? چين، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٽه ڌرئي انتظامن تي زور ڏنو. هن چيو ته سي پيڪ ۾ ترڪي جي شرڪت خطي جي اقتصادي خوشحالي ۾ اضافو ڪندي، وزيراعظم چيو ته هن ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي به اها تجويز پيش ڪئي هئي، هن چيو ته ترڪي جي رستن جي بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي منصوبن جي تعمير ۾ وسيع مهارت ڪيترن ئي ارب جي علائقائي منصوبن کي ڪامياب بڻائي سگهي ٿي، وزيراعظم پاڪستان پاران ترڪي ۽ خليجي ملڪن جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي حوالي سان هڪ سوال تي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ترڪي جي سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات سان لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي، هن چيو ته اهو عالمي امن ??اء?? اهم ۽ پوري خطي ??اء?? انتهائي مفيد ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميرين ۽ فلسطينن سميت محڪوم قومن جي حمايت جاري رکندو جيڪي پنهنجي حقن ??اء?? جدوجهد ڪري رهيون آهن، اهو اسرائيل يا ڀارت جو سوال نه آهي پر اهڙن ماڻهن جي اخلاقي حمايت جو سوال آهي، جيستائين انهن جي مطالبن تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي ان وقت تائين خطي ۾ امن واپس نٿو اچي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت گذريل ٽن سالن ۾ تمام گهڻو نقصان کنيو ۽ پاڪستان معيشت کي درست ڪرڻ ??اء?? عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم يوڪرين ۾ روسي حملي تي پاڪستان جي موقف جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان جو اڻٽر موقف اهو آهي ته اسان معاشرن جي آزاد حقن ??اء?? بيٺل آهيون، هن ڌرين تي زور ڏنو ته ڳالهين جي ميز تي اچن.