اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياما??ي سروسز جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو پيپس بورڊ آف گورنر جي صدارت سنڀالڻ ک??نپ??ءِ اداري جو پهريون دورو هو. ان موقعي تي پيپس جي ايگزيڪيوٽو محمد انور اسپيڪر کي ادارو قائم ڪرڻ جي مقصدن ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. اسپي??ر پيپس ۾ جد??د پارلياماني علم جا ڪورسز متعارف ڪرائڻ کانسواءِ اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوام جي بهترين مفاد ۾ قانونسازي جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ نوجوان پارليامينٽرينز تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته پيپس کي پنهنجو پاڻ کي قانونسازي ۽ قانون نويسي جي شعبن ۾ هڪ جد??د درسگاهه طور متعارف ڪرائڻ گهرجي. اسپي??ر پيپس جي مختلف آفيسن جو پڻ دورو ڪيو ۽ پيپس جي اسٽيٽ آف دي آرٽ بلڊنگ کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به هي ادارو پنهنجا هدف مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو.