اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو، ٻنهي ملن ج?? وچ ۾ تعميري رابطا خطي ۾ امن ۽ ترقي کي فروغ ڏيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن ج?? اظهار آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر الها?? عم?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻطرفي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ افهام تفهيم ۾ بهتري ايندي. صدر چيو ته ڀارت ۾ مودي حڪومت پاران اقليتن خاص طور تي مسلمانن ج?? خلاف ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت مسلمانن ج?? نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ هو انهن ج?? خلاف انساني حقن ج??ن سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي. صدر آمريڪي ڪانگريس ميمب?? سان ملاقات دوران خطي ۾ امن ج?? فروغ لاءِ پاڪستان ج?? ڪردار ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ج?? قربانين کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته آءِ ٽي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو آهي ۽ آمريڪي واپاري ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي ڪانگريس ميمبر الها?? عمر چيو ته ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن اسلامو فوبيا جي خلاف پاڪستان ج?? ڪردار خاص طور تي ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ قرارداد جي منظوري کي ساراهيو.