اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ بي اعتمادي رٿ کي بنا ووٽنگ جي رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي ره?? آهي، فل ڪورٽ جوڙڻ جو معاملو چيف ج??ٽس جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو ته کين فل ڪورٽ بينچ گهرجي، اهو چيف ج??ٽس جو اختيار آهي ته فل ڪورٽ جوڙڻ?? آهي يا نه، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ عدم اعتماد کي بنا ووٽنگ رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي ره?? آهي ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس کي تفصيل سان ٻڌڻ چاهي ٿي، مخالف ڌر کي عدليه جو احترام نظر ۾ رکڻ گهرجي. جهانگير ترين ۽ عليم خان بابت پڇيل سوال هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن بابت ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان، ڌمڪي واري خط بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اهو حساس معامل?? آهي هن وقت ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي، جلد ان بابت به ٻڌايو ويندو.