اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”علم جو اسلامي ت??ور ۽ تسخير ڪائنات“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر محي الدين هاشمي خطبو ڏنو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جا عملدار ۽ عملي جي ميمبر به ان موقعي تي موجود هئا. ڊاڪٽر محي الدين هاشمي پنهنجي خطبي ۾ اسلامي ت??ليمات موجب علم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته حضور صلي الله ع??يه وآله وسم تي نازل ٿيندڙ پهرين وحي ۾ علم جو ذڪر آيو، ان سان علم جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هن چيو ته ع??م جي اهم قسم مشاهدو ۽ ٻي قسم تحقيق ۽ جستجو مان حاصل ٿيندي، موجوده ذخيره ع??م ۾ اضافو تحقيق چورائيندو آهي ۽ انهي جي بنياد تي انسان ترقي ڪئي آهي، هن چيو ته ع??م ۽ تحقيق ترقي يافته ملڪن جي صفت آهي ۽ انهن ملڪن ان تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته مسلمان امت ۾ تحقيق جا روشن مثال موجود آهن. اسلام دنيا کي آخرت جي کيتي چيو آهي، ان جي اهميت کي س??جهڻ جي ضرورت آهي، علم ڪنهن هڪ قوم جي جاگير نه آهي پر پوري انسانيت جي ميراث آهي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي س??امتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي. واضح رهي ته صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.