اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ??يزن وچ ايشيا جي پاليسي تي گامزن ۽ ڪرغزستان سميت سمورين وچ ايشيائي رياستن سان ??اپاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جو گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي مو??عي تي جمهوريه ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصب ارسلان ڪازاڪ بائيف سان ??لاقات دوران چئي. ملاقات دوران ??طرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان ??طرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ جهڙي عقيدي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جو جائزو و??تو. پرڏ??هي وزير موجوده لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي مٽاسٽا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ اداراجاتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ باقاعدگي سان اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فلائيٽس جاري ڪرڻ جي حوالي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان گوادر پورٽ جي ذريعي ڪرغزستان کي مختصر ترين واپاري رستي جي فراهمي جي لاءِ راضي آهي. پرڏ??هي وزير توانائي منصوبو ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد پڄاڻي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ۽ پاڪستان – چين – ڪرغزستان – افغانستنا، چار ڌريي ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ جي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ رابطن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ جي لاءِ مختلف رخن سميت ڪرغزستان ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي سان ??اڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمن تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رابطن جو تسلسل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ڪرغزستان جي پرڏ??هي وزير ارسلان ڪازاڪ بائيف پرڏ??هي وزير کي 82 هين پاڪستان ??رارداد ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي 23 مارچ جي پريڊ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو.