اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جو افتتاحي سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيو جنهن جو موضوع اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري آهي. افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ميمبر ملڪن جا پرڏيهي و??ير، غيرملڪي مهمان، نمائندا، پارليامينٽ ميمبر ۽ ميڊيا جا نمائندا پهتا. پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙ نمائندن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم عمران خان پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قومي اسيمبلي جي هال ۾ پهتو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه، چيني پرڏيهي و??ير وانگ يي، سعودي عرب جو پرڏيهي و??ير شهزاده فيصل بن سعود السعود، اسلامي ترقياتي بئنڪ جو صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ۽ او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي لاءِ چيئرمين نائجيريا جو حسومي مسعود پڻ اسٽيج تي و??يراعظم سان گڏ موجود هئا. افتتاحي سيشن جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن ۾ مسلمانن جي صفن ۾ اتحاد ۽ الله تعاليٰ تي پڪو يقين رکڻ جي لاءِ الله تعاليٰ جي حڪمن تي روشني وڌي و??ي. سيشن شروع ٿيندي ئي پاڪستان جو قومي ترانو وڄايو ويو. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڏهاڪن جي ڊگهي جدوجهد تي ٻڌل او آءِ سي جي سفر جي مختصر وڊيو ڏيکاري و??ي. جمهوريه نائجيريا جي پرڏيهي و??ير ۽ او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي چيئرمين حسومي مسعودو پنهنجي آجياڻي و??ري خطاب ۾ انتهاپسندي ۽ اسلامو فوبيا جي شڪل ۾ امت کي درپيش چئلينجن تي سيمينارز ۽ ويبنارز منعقد ڪرڻ تي روشني وڌي. پنهنجي تقرير جي پڄاڻي کانپوءِ هن پاڪستان جي پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي کي 48 هين اجلاس جي صدارت باضابطا طور تي ڏيڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي و??ير پنهنجي تقرير ۾ ميمبر ملڪن جي اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي پرڏيهي و??ير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۽ او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. سعودي پرڏيهي افغانستان ۾ امن جي لاءِ ۽ افغانستان ۾ المناڪ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي ڪردار تي روشني وڌي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو ته يوڪرين ۽ روس جي بحران سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي معيشت تي سنگين اثر پئجي سگهن ٿا جيڪي دنيا جي آبادي جو 28 سيڪڙو آهي. ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو هڪ وڊيو پيغام هلايو ويو جنهن ۾ هن مسلمان دنيا تي امن ۽ انسانيت جي ترقي لاءِ اتحاد ۽ هم اهنگي کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. قازقستان جي پرڏيهي و??ير علائقائي گروپن پاران بيان ڏنو. تيونس جي پرڏيهي و??ير عثمان جيراندي عرب گروپ پاران هڪ ??ڳي 6 منٽن تي پنهنجي تقرير شروع ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي گڏيل دشمن آهن، جيڪي مسلمان ملڪن کي عدم استحڪام جو شڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ ۽ پرامن رهڻ جي منصفاڻي مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.