??سل??م آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چو??ري پرويز الاهي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان پاران لاهور جي دوري دوران چو??ري شجاعت حسين جي صحت معلوم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پيڪا قانون سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چو??ري پرويز الاهي اطلاعات واري وفاقي وزير کي پيڪا قانون تي ميڊيا پارٽيز جي خدشن کان آگاهه ڪيو. چو??ري فواد حسين چيو ته پنجاب جو اسپيڪر پيڪا قانون تي ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. چو??ري فواد حسين چيو ته اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت تنقيد جي آجيان ڪري ٿي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪن??ن جي ذات تي حملو ڪرڻ قطعي طور تي صحيح نه آهي. چو??ري فواد حسين چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جا ميڊيا ڌرين سان جيڪي به مع??مل?? طئي ٿيندا حڪومت انهن تي عملدرآمد ڪندي.