منڊي بهاءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عدم اعتماد جي ڳالهه ڪندڙن تي انهن جي گهر وارا به اعتماد نه ٿا?? انهن جي گهر وارا به چون ٿا ته انهن وٽ پئسا رکرايا ته هي لنڊن کڻي ڀڄي ويندا، هي وڏا چور آهن، انهن چورن ۽ ڦورن کان پئسو واپس اچڻ گهرجي. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? عدم اعتماد جون ڳالهيون ڪندڙن جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته انهن جي ڪيسز مان جان ڇٽي وڃي، اسان کي انهن کي ڪيسن مان نڪرڻ ناهي ڏيڻو، انهن کي سزائون ڏيارڻيون آهن. هن چيو ت?? اڄ ڌيءَ عدالتن ۾ ڪيس ڀوڳي رهي آهي ۽ پيءُ ۽ پٽ لنڊن ۾ آهن، اهڙن ماڻهن تي ڪير اعتماد ڪندو. هن چيو ت?? مدرسي جي ٻارن جي ??ور تي ۽ نان قهوي تي جلسا نه ٿا ڪري سگهجن، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ (اپوزيشن) اچي ڏسي جلسا ڪيئن ٿيندا آهن. هن چيو ت?? منڊي بهاءُ الدين ۾ شاندار جلسو منعقد ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي ليڊرشپ کي مبارڪباد ڏيڻ چاه??ان ٿو، چيو ويندو هو ت?? جلسا اپوزيشن ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته جلسا حڪومت ۾ رهندي به ڪامياب ٿين ٿا. هن چيو ت?? جڏهن اسان چئون ٿا ته پاڪستان جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي ته اسان رڳو عمران خان تي اعتماد ڪري سگهون ٿا. هن چيو ت?? عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۽ جهلم جي ??وام لاءِ تاريخي ترقياتي منصوبا ڏنا، اهڙي طرح جا ترقياتي ڪم انهن علائقن ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيا، منڊي بهاءُ الدين جي ليڊرشپ به علائقي جي ??رقي جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، انهن کي سلام پيش ڪر??ان ٿو. ان کان اڳ جلسي گاهه تي منڊي بهاءُ الدين جي ??وام اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو شاندار استقبال ڪيو.