اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڀارتي گلوڪاره لتا منگيشڪر ج?? لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظها?? ڪندي چيو آهي ته لتا منگيشڪر جو لاڏاڻو هڪ عهد جو خاتمو آهي، لتاجي ڏهاڪن تائين سُر جي دنيا تي حڪومت ڪئي، سندس آواز جو جادو رهندڙ دنيا تائين رهندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جتي جتي اردو ڳالهائي ?? سمجهي وڃي ٿي اتي لتا منگيشڪر کي الوداع چو??دڙن جو هجوم آهي.