اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو آهي ته پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ سان گڏوگڏ قومي ??قتصادي ترقي جي هدفن کي اڳتي وڌائن لاءِ پنهنجي جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ جي بهترين استعمال تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ جامع فريم ورڪ جي فراهمي ??ي لاءِ اقتصادي پاليسي جوڙي وئي آهي. صدر ??ار?? علوي اها ڳالهه آمريڪن بزنس فورم جي صدر وسيم انور جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ??يوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان هڪ آزاداڻي سيڙپڪاري جو نظام مت??ار?? ڪرايو آهي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي، هن چيو ته آمريڪي واپارين کي پاڪستان جي ??عي??ت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سيڙپڪاري دوست پاليسي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر وفد جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي مالي امداد طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ انهن ??ي مهارتن جي ترقي لاءِ ڪم ڪن ۽ کين پاڪستان ۾ قائم پنهنجي لاڳاپيل فرمن ۾ نوڪريون فراهم ڪن. ان موقعي تي وفد بريفنگ ڏني ته ان جو اهم مقصد آمريڪي ڪمپنين کي ڪاروبار ۾ توسيع ۽ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي وڌائن لا3 پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي، فورم واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو ??اڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ گهڻو ضروري آهي. وفد مڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، وفد جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو، صدر کين سهولتن جي فراهمي ۽ انهن ??ي مسئلن جي حل جي حوالي سان تعاون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.