اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مريءَ ۾ سخت برفباري سبب قيمتي جانين جي ??يا?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ب??ان ۾ هن چيو ته ان قدرتي آفت جي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن جيڪي انتهائي افسوسناڪ آهن. سينيٽ چيئرمين عملدارن تي ز??ر ڏنو ته اهي رستن جي فوري صفائي ۽ ڦاٿل خاندانن کي ڪڍن. هن وڌيڪ هدايت ڪ??ي ته ان آفت جي متاثرين کي هر ممڪن ريليف ۽ مدد فراهم ڪئي وڃي. سينيٽ جي ??پٽ?? چيئرمين محمد مرزا آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.