اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته پاڪست??ن، اسلام آباد ۾ منعقد او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کانپوءِ افغان عوام جي حمايت ۾ ٿيندڙ ٻن اهم اڳڀراين جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ بنيادي ضرورتن جي فراهمي جي حمايت ڪئي وئي آهي. هڪ ٻي اڳڀرائي ۾ هن چي?? ته آمريڪا امداد جي فراهمي ۾ آساني لاءِ طالبان سان ڪاروبار ڪندڙ آمريڪي ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن کي آمريڪي پابندين کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.