لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي برطانيا جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ع??ران خان برطانيا جي ڪامياب دوري تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي ساراهيو. وزيراعظم ع??ران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظ?? چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو برطانوي پارليامينٽ جي اسپي??ر، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شخصيتن سان مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀر??ور ساراهيو آهي. گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ برطانوي پارليامينٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ميمبرن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ ساراهيو.