اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سيالڪوٽ جو واقعو ا??تهائي افسوسناڪ آهي، جنهن جو ڪو به اخلاقي، انساني جواز نه آهي، اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل آهي، دين به اقيلتن جي تحفظ جو درس ڏي ٿو. افغانستان ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان جا اثر پري تائين ويندا. اوورسيز پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن. برسلز ۾ بيلجيم جي دوري جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي پ??ڏيهي وزير چيو ته بيلجيم جي ڪنهن پرڏيهي وزير سان گڏ 10 سالن جي وقفي کانپوءِ ٻطرفي ملاقات ٿي. اسان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سائنسي، تعليمي ۽ زريعي شعبي ۾ تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، نيٽو هيڊڪوارٽرز ۾ جنرل سيڪريٽري جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ٿي، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪيو آهي ۽ اسان جي خواهش آهي ته اهو تعاون آئنده به جاري رهي، مون ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي درپيش خطرن کان ان کي آگاهه ڪيو. مون کيس ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ سڀني جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته ايندڙ سال پاڪستان ۽ يورپي يونين جا 60 سال مڪمل ٿيڻ تي اسان اسلام آباد ۾ ڪانفرنس جو ا??عقاد ڪنداسين، پرڏيهي وزير چيو ته آئون انهن جي سامهون اهي ٺوس قدم رکندس جيڪي پ??ڪستان دهشتگردي، مني لانڊرنگ جي خلاف کنيا، هن چيو ته سيالڪوٽ جو واقعو ا??تهائي افسوسناڪ آهي جنهن جو ڪو به اخلاقي، انساني جواز نه آهي، ان واقعي تي پ??ڪستان کي شرمندگي کڻڻي پ??ي. هن وقت تائين 132 گرفتاريون ٿي چڪيون آهن، 26 جوابدار جن تي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي انهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل آهي. دين به اقليتن جي تحفظ جو درس ڏئي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته جتي هندستان ۾ اقليتن جو رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي اتي پ??ڪستان هندستان سميت سڄي دنيا ۾ سکن جي لاءِ ڪرتار پور لنگهه کي کوليو، پاڪستان ۾ ديوالي ۽ ڪرسمس جي تهوارن کي پوري مذهبي آزا??ي سان ملهايو ويندو آهي، جتي اقليتن جو تحفظ حڪومت جي ذميداري بڻ??ندي آهي ته اتي ميڊيا جي به تمام اهم ذميداري آهي، هن چيو ته ملڪ عدنان به ان هجوم ۾ موجود هو جنهن جي ڪردار کي وزيراعظم عمران خان ساراهيو ۽ ان جي لاءِ تمغا شجاعت جو اعلان ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هن وقت اسان جو مقصد افغانستان جي اڀرندڙ اقتصادي ۽ انساني بحران کان بچڻ آهي. اهو ئي پيغام مون اڄ ڏنو آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان جا اثر پري تائين ويندا، هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، هنن ٻاهر رهي ڪري محنت سان پنهنجي عزت ٺاهي آهي ۽ انهن 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو، هڪ سوال جو جواب ڏيندي پ??ڏيهي وزير چيو ته اشرف غني کانپوءِ جڏهن افغانستان ۾ طالبانن جي عبوري حڪومت قائم ٿي ته هندستان اسان کي ذميوار بڻ??ئڻ لاءِ ”سينڪشن پاڪستان“ مهم هلائي پ?? انهن کي ناڪامي ٿي، مون کي يورپي يونين جي پ??ڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل ٻڌايو ته يورپي يونين امدا??ي سامان تي ٻڌل 7 جهاز افغانستان موڪليا، 38 ملين افغانين جي معاشي مدد ڪرڻي پوندي ۽ اڄ دنيا مصروف ٿي چڪي آهي ۽ افغانستان جي 6 ويجهي پ??ڙيسري ملڪن جو پليٽ فارم قائم ٿي چڪو آهي، اسان کي باور ڪرائي رهيا آهيون ته پاڪستان اڪيلو ا??و بار نٿو کڻي سگهي، تنهن ڪري اسان گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏئي سگهون ٿا، پاڪستان پهريون ئي تقريبن 40 لک افغان پناهگيرن جو بار کڻي رهيو آهي.