اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس ج?? ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان پي ٽي آءِ اڳواڻ غوث عل?? شاهه ??لاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ شريڪ هو. ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ??ولهه ??ي. ان کانسواءِ وزيراعظم سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.