اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپٽ نظام جي پيداوار اپوزيشن پارٽيون تبديلي جي مخالف آهن پر اسان تبديلي آڻينداسين، آزاداڻي، صاف ۽ شفاف چونڊون جمهوريت جو بنياد آهن، پاڪستان جي گذريل 50 سالا تاريخ ۾ هر اليڪشن تڪرار ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي جي ا??زامن جو خاتمو ٿيندو، اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر پاران اي وي ا??م جي مخالفت بنا جواز آهي، مافياز سان وڙهڻ کانسواءِ ڪا قوم ترقي جي سفر تي گامزن نه ٿي ٿي سگهي، پارليامين?? ميمبر تبديلي جو ساٿ ڏين، پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي منزل حاصل ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامين?? ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آئُون پنهنجي ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن کي ڀلي??ار چوان ٿو. هن چيو ته منهنجي سياست ۾ اچڻ جو مقصد پاڪستان کي مثالي فلاحي رياست بڻائڻ هو، قائداعظم جو خواب هو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ ۽ دنيا جي لاءِ مثال بڻجي، حضور اڪرم ﷺ پهرين فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ اسلامي معاشري ۽ رياست جا اصول جوڙيا، حضور اڪرم ﷺ پوري دنيا جي ا??سانن جي لاءِ رحمت بڻجي آيا ۽ دنيا کي ا??ي رهنما اصول ڏنا جن تي عمل ڪري ڪا به قوم ترقي ۽ ڪاميابي جي منزل حاصل ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته قومون اخلاقيات جي بنياد تي ترقي ڪنديون آهن، جيڪي قومون اخلاقي بلندي تي هونديون آهن انهن کي ائٽم بم هڻي به ختم نه ٿو ڪري سگهجي، جرمني ۽ جاپان تباهي جو ش??ار ٿيڻ جي باوجود ترقي ڪئي ڇو ته انهن جي اخلاقيات بلند هئي جڏهن ته بيروت جنهن کي پيرس آف مڊل ايسٽ چيو ويندو هو اڄ ڪرپشن جي ڪري ناڪام رياست آهي. وزيراعظم چيو ته 1970ع کانپوءِ سموريون چونڊون تڪراري ٿيون ڇو ته هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ڪندو هو، اسان پارليامينٽ جي تازي سيشن ۾ جيڪو بل آندو آهي ا?? جو مقصد عام چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ آهي، سڌارا ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، 50 سالن ۾ صاف شفاف چونڊن جي لاءِ ڪنهن ڪوشش ئي نه ڪئي، اسان 2013ع جي ا??يڪشن ۾ ڌانڌلي ثابت ڪرڻ جي لاءِ رڳو چار تڪ کولڻ جو مطالبو ڪيو جنهن کي تسليم نه ڪيو ويو جنهن جي خلاف اسان 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو، چئن تڪن کان اسان جي حڪومت ٺهڻي نه هئي، اسان جو مقصد اهو هو ته اڳتي چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ اڳوڻي حڪومت جوڙي وئي ا??يڪشن ڪميشن هئي پر انهن ئي ڌانڌلي جو الزام به هنيو. وزيراعظم چيو ته سينيٽ جي ا??يڪشن ۾ ڇا ٿيندو آهي سڀني کي خبر آهي، پئسا وٺڻ جي وڊيوز ڏيکاريون ويون پر ڪجهه نه ٿيو، اليڪشن ڪميشن به ڪو نوٽيس نه ورتو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي اخلاقيات ڪٿي پهچي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن تصديق ٿيل ووٽ جي ڳالهه ٿي ته سڄي ا??وزيشن مخالفت ڪئي، اسان چاهيون ٿا ته سينيٽ ۾ اوپن بيلٽنگ ٿئي، ڳجهي راءِ شماري ۾ پئسو هلي ٿو ان لاءِ اپوزيشن جي ا?? جي حمايت ڪري ٿي، اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ا??م) جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن چونڊون شفاف ٿين، چونڊ عمل ختم ٿيڻ کانپوءِ رزلٽ جي عمل دوران ڌانڌلي ٿئي ٿ??، ڊبل اسٽيمپ ڪري هارايو وڃي ٿو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ڌانڌلي ختم ڪري سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته اپوزيشن کي بار بار چونڊ سڌارن جي حوالي سان تجويزون ڏيڻ جي دعوت ڏني پر ڏيڍ سال کان اپوزيشن چونڊ شفافيت جي حوالي سان ڪا تجويز نه ڏني، ان جي ابتڙ اپوزيشن ۽ اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي بنا جواز مخالفت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان هي بل پنهنجي لاءِ نه آڻي رهيا آهيون پر سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ آڻي رهيا آهيون ڇو ته ان سان چونڊ تڪرار ختم ٿي ويندا. هن چيو ته ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ سدائين سڌارن جي مخالفت ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته انصاف ڪرڻ جي اخلاقي قوت نه رکندڙ قوم ڪڏهن به عظيم نه ٿي بڻجي سگهي، اخلاقي قوت کانسواءِ طاقتور مافياز کي قانون جي ماتحت نه ٿو آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ڪرپٽ سسٽم جي پيداوار اپوزيشن پارٽيون تبديلي آڻڻ نه ٿيون چاهين پر اسان تبديلي آڻي رهنداسين، پارليامين?? ميمبر ان معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏين. وزيراعظم چيو ته مافياز اهڙو سسٽم نه ٿا چاهين جنهن سان انهن جو پئسو نه هلي سگهي ا?? جي لاءِ پارليامين?? ميمبر صاف ۽ شفاف اليڪشن منعقد ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي جي حمايت ڪن.