اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان کي دنيا جي پهرين گرين پريزيڊنسي طور پذيرائي ۽ سڃاڻپ ملي آهي، پاڪستان جي نئين سر تعمير ۾ عوام، ميڊيا، ڪاروباري طبقي، عالم سڳورن، حڪومت، عدليه ۽ دفاعي قوتن جو هڪ سٺو ميلاپ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گرين پريزيڊنسي ۾ بجلي مڪم?? طور تي شمسي توانائي سان حاصل ٿي رهي آهي، سولر جي 1 ميگاواٽ بجلي هڪ لک 43 هزار وڻ لڳ??ئڻ جي برابر آهي، سمورين ايل اي ڊي ل??ئيٽس، هيٽ ريزسٽيوپينٽ، نامياتي فضلو، پاڻي جي بچت کانسواءِ ميواڪي ٻيلن ۾ هن سال 10 هزار ۽ گذريل سال 5 هزار ٻوٽا پڻ لڳ??يا ويا. هن چيو ته مشڪل وق?? جي باوجود اسان اڀري رهيا آهيون ۽ سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ حڪومتي خرچ تي نه پر اسان جي پاڪستاني ڪاروباري ڪارپوريشنز سماجي ذميواري (سي ايس آر) تحت ڪيو انهن جا ٿورا مڃون ٿا.