اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خ??ن چيو آهي ته حڪومت گئس ۽ معدنيات ??ي شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي ??عب?? ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي، سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادارن کي بهتر بڻايو وڃي، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ۽ درآمدات جو متبادل ڳوليو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ ۾ معاشي تبديلي لاءِ وڏن ??عب?? ۾ حڪومتي سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم کي آگاهه ڪيو ويو ته اقتصادي مشاورتي ڪائونسل طرفان سڌارن جي لاءِ 14 ترجيحي ??عب?? جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جيئن ايندڙ ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي واڌ ??ي شرح کي 6 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۽ سيڙپڪاري جي تناسب سان موجوده 15 سيڪڙو کان وڌائي 20 سيڪڙو تائين وٺي وڃي سگهجي. انهن 14 ??عب?? ۾ مالي استحڪام ۽ پائيدار ترقي، گهر ۽ تعميرات، مالياتي ??عب?? ۽ قرضن جو انتظام، نجڪاري، گهريلو واپار، گردشي قرض، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعتڪاري، توانائي ۽ پيٽروليم، خرچا، زراعت، سي پيڪ، قيمتن جو استحڪام ۽ سماجي تحفظ شامل آهن. وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت خاص طور تي گئس ۽ معدنيت ??ي شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي ??عب?? ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي، وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪري، سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادارن کي بهتر بڻائين، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائين، برآمدات ۾ نواڻ ۽ درآمدات جو متبادل ڳولين.