اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ تيار ڪيل ??ليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز سان آخرڪار اهو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ اسان کي اهڙيون چونڊون ملنديون جن ۾ حصو وٺندڙ سمورا اميدوار نتيجا تسليم ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??يراعظم عمران خان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران تيار ڪيل ??ليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي معائني جي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير شبلي ف??از ۽ سندس ٽيم ??ي مبارڪباد ڏيان ٿو.