اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو، ان جي ڪاميابي سان ماحوليات سميت معيشت، سياحت کي فروغ ملندو، آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي تحفظ ملندو، دنيا جا اهڙا ملڪ جيڪي ڪاربان اخراج جو وڏو سبب آهن اهي پنهنجي ذميداري پوري ڪندي غريب ملڪن کي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊز فراهم ڪن ته جي??ن هو پنهنجي ماحول کي بهتر ڪري سگهن، قومي پارڪس ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ فارسٽ گارڊز جو تعداد وڌائينداسين، مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪنداسين ته جي??ن هو ان ??ي بنيادي ڌر بڻجي ان جو تحفظ ڪري سگهن، 2030ع تائين 60 سيڪڙو بجلي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪنداسين، پوري قوم کي گڏجي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم ??ي بحالي واري ڏهاڪي جي ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. وزيراعظم عمران خان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خاص خطاب ڪندي ??يو ته پاڪستان جي لاءِ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب جي ميزباني هڪ وڏو اعزاز آهي، کيس خوشي آهي ته تمام جلد پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان ڪوششن ۾ عالمي نقشي تي اچي ويو آهي، دنيا هاڻي ان جو ادراڪ ڪري ٿي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي ته هو پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، هن ??يو ته مسلمانن ۽ پاڪستاني قوم لاءِ حضور اڪرم ﷺ جي حديث جو فهم ضروري آهي جنهن ۾ هن فرمايو ته ايندڙ دنيا لاءِ ايئن جي??و ته سڀاڻي مري وڃڻو آ??ي ۽ هن دنيا جي لاءِ ايئن جي??و ته هزارين سال زنده رهڻو آهي، اهو الله جو حڪم آهي ته ان جي زمين تي قدم رکو ته ان جو فڪر ڪريون ته جيڪو ڪم اسان ڪري رهيا آهيون ان جا ايندڙ نسلن تي ڪهڙا اثر پوندا. وزيراعظم ??يو ته بدقسمتي سان دنيا جي اڪثر ملڪن ان طرف ڌيان نه ڏنو، پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل هو، تنهن هوندي به ڪجهه ملڪن ان جو احساس ڪيو ۽ هنن ماحوليات جو خيال رکيو، وزيراعظم ??يو ته اسان خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن اسان کي خبر پئي ته پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ هيستائين 64 ڪروڙ وڻ پوکيا ويا اسان خيبرپختونخوا ۾ اهو هدف پورو ڪيو، هن ??يو ته اسان جي لاءِ اهو تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي ته پاڪستان ۾ ڇانگامانگا، ديپالپور، تاندليانوالا ۽ چيچه وطني ۾ جيڪي ٻيلا هئا اهي به وڍيا ويا، ڪنهن کي اسان جي ايندڙ نسلن جو خيال نه هو، اسان پنهنجي دريائن کي بي دردي سان آلوده ڪيو، ماضي ۾ زمان پارڪ جي ٻاهران واهه مان ماڻهو پاڻي پئيندا هئا ، باغن جي شهر لاهور ۾ آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، هن ??يو ته ايڪو سسٽم ??ي بحالي جو ڏهاڪو دنيا جي لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو ماحوليات ??ي بهتري لاءِ قدم کڻي، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته پنهنجو ماحول ٺيڪ ڪريون، اهي 10 سال اسان جي لاءِ پنهنجو رخ درست ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن، وزيراعظم چيوته ڪاربن اخراج ۾ پاڪستان جهڙن ملڪن جو ڪردار هڪ سيڪڙو به نه آهي ان ??ي باوجود اسان اهو فيصلو ڪيو ته عالمي گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين. وزيراعظم ??يو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڏي اهم ڳالهه ڪئي آهي ته دنيا ۾ پاڻي جو بحران اچڻ وارو آهي، پاڪستان ۾ هينئر کان صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ تي اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، پاڪستان جي دريائن ۾ 80 سيڪڙو پاڻي گليشيئر مان ايندو آ??ي ۽ اهو عالمي حدت سان متاثر ٿي رهيا آهن، جن ملڪن جو پاڻي جو دارومدار گليشيئر تي آهي انهن لاءِ وڏا مسئلا آهن، هندستان ۾ پاڻي گليشيئر کان دريائن ۾ ايندو آ??ي ۽ اهو به متاثر ٿيندو ۽ ان کانسواءِ وچ ايشيائي رياستن ۾ پاڻي به گليشيئر مان ايندو آهي اهو سڄو علائقو متاثر ٿيندو