اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي جي ڪري جمعي کان نئين بندشن جو آغاز ڪنداسين جڏهن ته ڪجهه وڏا شهر بند ڪرڻا پئجي س??هن ٿا. نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ اسد عمر چيو ته اين سي او سي ۾ ڪورونا ص??رت??ال جو جائزو ورتو ويو. ص??رت??ال بهترين نه نظر اچي رهي آهي، گذريل سال قوم ايس او پيز تي عمل ڪيو?? هن ڀيري عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ حفاظتي تدبيرون ڏسڻ ۾ نه اچي رهيون آهن.