اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر چيو آهي ته عوام کي رعايتي اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي موجوده حڪومت جي ترجيح آهي، سستي اگهن تي بينادي کاڌي پيتي جي شين جي هڪجهڙي ورڇ سان مناف?? خور مافيا کان عوام کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسپيڪر اسد قي??ر يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند ماڻهن کي رعايتي اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب طريقي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ مناف?? خور ۽ ذخيره اندوز مافيا جي ڪري رعايتي اگهن تي ملندڙ شين کي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏين، هن ضلعي سطح تي انتظاميه کي رمض??ن المبارڪ دور??ن اگهن ۾ ناجائز اضافي جي روڪ ٿام کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، يوٽيليٽي اسٽورز جي مينيجنگ ڊائريڪٽر پار??ن اسپيڪر کي رمضان جي مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهرج ۽ پهچ بابت بريفنگ ڏني.