اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وا??رس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. جمعي ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 304 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وا??رس سبب فوت ٿيا جنهن ما?? 32 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وا??رس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وڊ – 19 جا 36 هزار 923 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن ما?? سنڌ ۾ 12 هزار 599، پنجاب ۾ 12 هزار 38، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 487، اسلام آباد ۾ 7 هزار 187 ، بلوچستان ۾ 746 ، گلگت بلتستان ۾ 329، آزاد ڪشمير ۾ 537 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين س??ي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 ما?? صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 21 هزار 563 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪ??وڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته س??ي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ – 19 جا 195 مريض آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪ??وڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 23 هزار 641 آهي. س??ي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 52 هزار 296 آهي.