اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ ??نص??بو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خي??رپ??تونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ??ند??، ايندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي، افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين رابطا وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي ترقي جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ??ند?? ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ??ند?? چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان اهو قدم خوش آئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي اقتصادي زون هوندو، سي پيڪ ??نص??بو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خي??رپ??تونخواهه جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خي??رپ??تونخواهه جي ترقي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خي??رپ??تونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ??ند??، ان سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خي??رپ??تونخواهه ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خي??رپ??تونخواهه جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن ??نص??بي جي مڪمل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.