اسلام آباد ??? 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 441 مريضن جا ٽ??سٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض وائرس جي ڪري فوت ٿيا، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 5 هزار 540 آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 هزار 81 ڪورونا ٽ??سٽ ڪيا ويا ج??هن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 292، پنجاب ۾ 9 هزار 781، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 522، اسلام آباد ۾ 2 هزار 476، بلوچستان ۾ 434، گلگت بلتستان ۾ 308، آزاد ڪشمير ۾ 268 ٽ??سٽ ڪيا ويا، هيست??ئي?? سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 87 هزار 950 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 99 ڪورونا جا مريض آهن، هيست??ئي?? سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 855 آهي، ج??هن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 356، بلوچستان ۾ 13 هزار 227، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 137، اسلام آباد ۾ 15 هزار 840، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 755، پنجاب ۾ 97 هزار 461 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 115 مريض آهن.