اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر قائم ڪرڻ جا 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اين سي او سي جو دورو ڪيو. وفاقي و??ير، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صوبن جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم کي ڪوويڊ 19 جي موجوده صورتحال ۽ ان جي ڦهلاءُ بابت ب??يفنگ ڏني و????. و??يراعظم کي پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تحت صحت ۽ معاش جي وچ ۾ توازن، ملڪي معيشت کي جاري رکڻ ۽ ڪورونا جي و??ا جي روڪٿام جي ڪوششن ۾ غريب ۽ پورهيت طبقي جي مسئلن جي حل جهڙن قدمن جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته آ??ِ ايم ايف جي عالمي اقتصادي جائزي موجب 30 ملڪن جي گروپ مان پاڪستان امڪاني ڊائون ٽرن کي منفي 0.4 مان 1.1 تي و??پس آندو آهي. پاڪستان جو روانگي و??پار جولاءِ 2019ع کان مئي 2020ع دوران خطي جي ٻين ملڪن کان تمام بهتر رهيو. ان موقعي تي و??يراعظم عمران خان ڪورونا جي و??ا جي خلاف موثر ردعمل ۽ سڄي ملڪ ۾ ٺوس قدم يقيني بڻائڻ جي لاءِ اين سي او سي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اين سي او سي ڪوورنا جي خلاف صورتحال جي رو??ان?? جي بنياد تي مانيٽرنگ، صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ، اعتبار جوڳي ڊيٽا بيس جي تياري ۽ مناسب ايس او پيز جي جوڙجڪ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آه??. و??يراعظم ڪورونا جي صورتحال ۾ ايس او پيز جي پيروي ڪرڻ ۽ وبا جو چئلينج طور گڏجي مقابلو ڪرڻ تي پوري قوم کي ساراهيو.