اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته حڪومت ايم 8 موٽروي تي تعميراتي ڪم پهرين ترجيح طور تي ڪندي. سما??ي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سي پيڪ اٿا??ٽي جي چيئرمين چيو ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پا??ٽي اڳ ۾ ئي ايم 8 موٽروي جي 26 ارب جي لاڳت جي 146 ڪلوميٽر هوشاب آواران حصي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. ايم 8 موٽروي سکر لاڙڪاڻي کي گوادر سان ڳنڍيندو جيڪو ه?? وقت تعمير هيٺ آهي جڏهن ته گوادر ۽ هوشاب 193 ڪلوميٽر حصي جي تعمير جو افتتاح فيبروري 2016ع ۾ ڪيو ويو ه??. اهو منصوبو سنڌ صوبي ۾ رتوديرو کان شروع ٿئي ٿو ۽ خضدار، آواران، هوشاب ۽ تربت کان ٿيندو بلوچستان صوبي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سامونڊي شهر گوادر جي بلڪل اوڀر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.