اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته قومي اسيمبلي جو اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع ??ار??يامينٽ کي غربت، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ جهڙا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته آئ??ن رڳو پي ٽي آءِ جو اسپيڪر نه آهيان پر پوري ايوان جو ڪسٽوڊين آهيان، موثر قانونسازي جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ ??ار??يامينٽ ذريعي ئي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ??ار??يامينٽري سروسز ۾ قومي اسيمبلي اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي جاري وڊيو پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي قانونسازي جي صلاحيتن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو.