جده – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته او آءِ سي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پاڪ??تا?? جي نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثيمين لاءِ ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جي خصوصي پيغام سان دلي مبارڪباد ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿي، اسلامي سربراهه ملڪن جو اهو فورم مسلمان امت جي رشتي کي مضبوط ????ائ?? ۽ جوڙڻ جو سڀ کان وڏو پليٽ فارم آهي.