اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 22 ڪروڙ عوام وانگر اسان به اميد رکون ٿا ته نيب قانون کي هڪ جهڙو لاڳو ڪرڻ کي يقيني ب??ائيندي ۽ اداري جي اندر مان انتقام جي بوءِ نه ايند??، ڪمزور کي پڪڙڻ ۽ طاقتور کي ڇڏي ڏيڻ جو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي، هو پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.