اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس ن??ين سر جاچ جو گهرجائو آهي، جيڪو طريقو حديبيه ۾ پئسا ٻاهر موڪلڻ جي لاءِ استعمال ٿيو انهي کي بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ??يو ويو، ان ڪيس کي انجام تا??ين پهچائڻ تمام گهڻو لازمي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم عمران خان کي قانوني ٽيم شهباز شريف جي ڪيسن جي حوالي سا?? تفصيلي بريفنگ ڏني آهي. حڪومت فيصلو ??يو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس ن??ين سر جاچ جو گهرجائو آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي جاچ ن??ين سري سان شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.