اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جي عزم کي ورجايو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم ??مران خان فلسطيني صدر سان فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مسجد اقصيٰ ۾ بيگناهه نمازين تي حملن ۽ غزه ۾ اسرائيل پاران فض??ئي حملن جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيتر??ئي شهري مارجي ويا. وزيراعظم فلسطيني صدر کي انساني حقن ۽ عالمي قا??ونن جي اهڙي طرح جي خلاف ورزين جي خلاف عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ پاڪستان ??ي ڪوششن جو يقين ڏياريو.