اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ِآهي ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي جي لاءِ وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ??يو آهي. ٻئي ملڪ انهن عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيپال جي سفير تابش آدهيڪاري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، هن ملاقات دوران ٻطرفي ۽ پارلياماني لاڳاپ?? جي حوالي سان اهم معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي لاءِ اهم سمجهندو آهي، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ??يو آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطاڪاري?? ڊگهي تعاو?? جي لاءِ اهم آهي، ٻئي ملڪ ان عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، سينيٽ جي چيئرمين نيپالي سفير کي ڀارتي فوج هٿان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ انساني حق?? جي خلاف ورزي?? جي باري ۾ آگاهه ڪيو.