اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شنگهائي ??عاون تنظيم (ايس سي او) جي اهميت ۽ ڪاميابي جي لاءِ 6 نقاطي پروگرام جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، عالمي وبا جي تدارڪ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ جي – 20 ملڪن کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا جي معيشت سستي جو شڪار آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آر ۾ ڪنهن به مذهب جي توهين برداشت جوڳي نه آهي، ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ مستقل ا??ن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪ??دار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن کي عالمي حل طلب مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار شنگهائي ??عاون تنظيم جي ملڪي س??بر??هن جي ڪائونسل جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.