اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي وبا تي ضابطو آندو ويو آهي پر اسان کي عيدالاضحيٰ ۽ محرم د??را?? احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن صورتحال بهتر ٿيڻ تي تعميرات جي شعبي وانگر ٻيا شعبا به ايس او پيز سان گڏ کولي سگهجن، اسان ڪورونا سان گڏ پنهنجي ??اڻهن کي بک سبب مرڻ کان ب?? بچائڻو هو ان لاءِ خطرو کڻي سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جيڪو الله جي ??ضل ۽ ڪرم سان ب??تر ثابت ٿيو، عيدالاضحيٰ ۽ محرم تي احتياط نه ڪئي ته ڪيسز جي انگ ۾ ٻيهر اضافو ٿي سگهي هو. هو وزيراعظم هائوس ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ??اءِ منعقد اجلاس کانپوءِ خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته الله جي ??ضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ٽن مهينن د??را?? سڀ کان گهٽ شرح ڪلهه رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اسپتالن تي مريضن جو جيڪو دٻاءُ هو ان ۾ به گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ آڪسيجن ب??ڊز تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اهو الله تعاليٰ جو اسان تي خاص ڪرم آهي ته ??اڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان آهي جنهن ڪورونا جي ??با تي ضابطو آڻي ورتو آهي پر اڃا چئلينجز ختم ناهن ٿيا. اسان کي احتياط کي ڇڏڻو نه آهي. هن چيو ته 13 مارچ تي جڏهن لاڪ ڊائون ڪيو ته ??ڏا چئلينجز درپيش هئا، اڄ اسان مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون ۽ ڪورونا ڪيسن جو انگ گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان تي دٻاءُ هو ته اسان يورپ جهڙا قدم کڻون. اسان ب?? لاڪ ڊائون ڪيو، اسان جي ??هرين حڪومت هئي جنهن ان ڳالهه کي سمجهيو ته ??ورپ ۽ چين جي ??قابلي ۾ اسان جي ??لڪ جون حالتون مختلف آهن.