اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. فورم کي عيدالاضحيٰ تي جانور جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان عملدرآمد ۽ خاص طور تي ??لا?? ورزين بابت بريفنگ ڏني وئي. مختلف صوبن ۾ حفاظتي تدبيرن جون ??لا?? ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻڌايو ويو ته پوري پاڪستان ۾ جا??ور?? جي غيرقانوني منڊين کي بند ڪيو ويو، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، سبزي منڊين ۽ جا??ور?? جي منڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي ??لا?? ورزين جي مشاهدي تي بريفنگ ڏني وئي. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسان کي هي عيد سادگي سان ملهائڻ گهرجي. عي?? تي تفريحي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عي?? تي ميڙ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سماجي فاصلن ۽ ڏن?? هدايتن تي عمل سان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اسد عمر چيو ته جا??ور?? جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن کي هر ممڪن يقيني بڻايو ويندو.