اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي عالمي وب?? کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان سميت عال??ي برادري کي مدد فراهم ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري کي ساراهيو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ڪوويڊ 19 بابت سفري پابندين جي خاتمي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل غ??را??تيازي سفري قاعد?? کي يقيني بڻائڻ ۾ صحت جي عالمي اداري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل تيدروز اڌانوم سان وڊيو ڪانفرنس دوران چئي.