اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته 22 جون تائين پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، حادثن جي صورت ۾ بهتر ردعمل جو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي، ان سا?? مستقبل ۾ اهڙي قسم جي حادثن کي روڪي سگهجي ٿو، متاثرين جي گهري ڏک جون المناڪ ڪهاڻيون هيون جيڪي مون ٻڌيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته مون پي آءِ اي جهاز حادثي جي هر متاثر خاندان کي تعزيت جي لاءِ ٽيليفون ڪئي، متاثرين دل ڏکوئيندڙ حقيقتون ٻڌايون. هن چيو ته حادث?? ۾ ??وان شادي شده جوڙا فوت ٿيا. ا??هن خاندانن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار آهن جيڪي پيدائش کان اڳ ئي يت??م ٿي چڪا آهن.