اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاق?? وزير شيخ رشيد احمد 20 مئي کان ا??س او پيز ۽ سماجي فاصلي کي برقرار رکندي 15 ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سٺا نتيجا سامهون آيا ته پهرين جون کان وڌيڪ ٽرينون هلايون وينديون، عوام کي اپيل آهي ته اهي ??سافرن کي ڇڏڻ ۽ وٺي وڃڻ جي لاءِ اسٽيشنن تي نه اچن، ايس او پيز تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي ذميواري ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ تي هوندي. هو ريلوي وار?? وزارت جي ميدڊيا سينٽر ۾ ميڊيا بريفنگ ڏئي رهيو هو.