اسلام آباد – 06 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته سماجي ?? اقتصادي ترقي جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو واحد رستو تعليم آهي، وزيراعظم عمران خان تعليم جي اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو، اهو شعبو پاڪستان جي مستقبل سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ سرڪاري ۽ نجي حصيداري لازمي آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن برطانيا جي يونيورسٽي آف هرٽ فورڊ شائر جي وائيس چانسلر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪوئينٽن ميڪلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.