اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم به ان معاملي تي آمريڪي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو آهي، مهانگائي ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ لاءِ محنت جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ جي ايوان ص??عت ۽ واپار جي صدرن سان ايوان ص??عت ۽ واپار اسلام آباد ج?? اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.