اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف متني ضلعي پشاور، بازئي ضلعي مهمند ۽ ضلعي ڪرڪ ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان ??ي خراب ??رڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم ??فيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??پريشن دوران 19 خارجين کي جهنم واصل ??رڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻ?? صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم ??پريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان ??ي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان ??ي خراب ??رڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته مون سميت پوري قوم سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي، سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ جوان پنهنجي جان جي پرواهه ??رڻ کانسواءِ پاڪ وطن کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ??رڻ ۾ مصروف عمل آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بقاءَ جي خا??ر سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جون لازوال قربانيون آهن، مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ??هيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.