اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سال 2025ع ۽ 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پا??ستان جي مدي جي شروعات جي موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ هڪ آجياڻي جو اهتمام ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جي ريزيڊنٽ مشنز جي سر??راهن ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اٺون ڀيرو چونڊجڻ کانپوءِ پا??ستان سلامتي ڪائونسل ۾ تجربي جي ڀرپور ميراث ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پختو عزم کڻي آيو آهي. هن عالمي امن ۽ سلامتي ۾ پا??ستان جي حصيداري جي ذريعي خاص طور تي گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود مسئلن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جو خواهشمند آهي، پا??ستان ڪائونسل جي ميمبر جي طور تي طاقت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني استعمال يا ڌمڪي جي مخالفت ڪندو رهندو. هن چيو ته هر قسم جي دهشتگردي ۽ ان جي سمورين شڪلين ۾ مقابلو ڪيو ويندو ۽ پا??ستان گڏيل قومن جي موثر امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. نائب وزيراعظم پا??ستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊجڻ ۾ ڀرپور حمايت تي گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي سلامتي ڪائونسل جي سمورن ميمبرن سان تعميري ڪم ڪرڻ، گڏيل قومن جي وسيع تر ميمبرشپ سان ورڇ کي ختم ڪرڻ ۽ اتفاق راءِ کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ کي برقرار رکڻ جي لاءِ پا??ستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.