اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ??يو آهي ته تعليم هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، استادن جي تربيت، مفت تعلي??، سفري سهولتون ۽ ۽ آن لائن تعليم جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي نياڻين ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ڪنوينشن سينٽر ۾ ”مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي ??يو ته بدقسمتي سان مسلم معاشري ۾ نياڻين جي اڪثريت تعليم جي حق کان محروم رهجي وڃي ٿي، ان ??و وڏو سبب ڪلچر ۽ مذهب جي غلط تشريح آهي. هن ??يو ته اسان کي تعليم کي پنهنجو ورثو سمجهڻو پوندو. حڪومت خاص طور نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ تعليم جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هن ڪانفرنس ۾ نياڻين جي تعليم تي غور ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون ۽ مون کي اميد آهي ته نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏئي قابل عمل حل تلاش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن ??يو ته پاڪستان ??ڪومت نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ استادن جي تربيت مفت تعليم جي فراهمي سان ??نهن جي تعليمي ادارن تائين پهچ بهتر بڻائڻ لاءِ مفت سفري سهولتن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ??يو ته آن لائن تعليمي سهولتون به ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اسان کي گهرجي ته معاشري ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪريون جنهن سان ??ورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ٿين.